ظهيرالدين بکري

ظهيرالدين بکري: مولانا ظهيرالدين بکري اصل بکر جو رهاڪو هو. پنهنجي وقت ۾ مذهبي علم جو ڀنڊار هو. علم حديث ۾ به ڪامل هو. پوءِ بکر ڇڏي دهلي هليو ويو، جتي وڃي مدرسو قائم ڪيائين. سندس شاگردن ۾ علامه شمس الدين يحيٰ، غلام صدرالدين ۽ نظام الدين اولياءَ جو وڏو خليفو خواجه محمود چراغ دهلوي شامل هئا. پاڻ غياث الدين بلبن جو خاص درٻاري ليکيو ويندو هو. پاڻ ستين هجريءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي. سندس قبر دهليءَ ۾ آهي.


لفظ ظهيرالدين بکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو